لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي جي ڳوٺ اسحاق کونهارو واسي پيرسن 15 سال اڳ مبينا قتل ٿيل نوجوان پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن علي محمد ابڙو دانهيندي الزام لڳايو ته سال 2007ع ۾ نوجوان پٽ اڪبر علي ابڙو کي خيرپور جي ڳوٺ ملان صالح جي رهواسي بااثر جوابدار عبدالرزاق موجائي سندس سئوٽ الھه ڏنو موجائي ۽ ٻين سڱاوتي تان قتل ڪيو هو، قتل جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي داخل آهي پر 15 سال گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس رشوت وٺي پٽ جو خون لوڙهي ڇڏيو آهي، انصاف لاءِ در در ڀٽڪڻ سان گڏ مسلسل احتجاج ڪري رهيو آهيان، پر هن وقت تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close