سنڌ

حيدرآباد ۾ اٽو 65 رپيا ڪلو نه ڏينداسين، چڪي مالڪن جو ڊي سي کي کتو جواب

حيدرآباد ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي وڌندڙ قيمتن تي ضابطو نه اچي سگهيو، اوپن مارڪيٽ ۾ 100 ڪلو واري ڪڻڪ جي ٻوري جو اگهه 9 هزار 200 رپين تائين پهچڻ بعد في ڪلو چڪين تي تيار ٿيندڙ اٽي جو اگهه 115 رپيا مقرر ڪيو ويو، ڊپٽي ڪمشنر جي صدايت هيٺ فلور ملز ۽ چڪي مالڪن جو اجلاس نئين اگهه جي اعلان بنا ختم ٿي ويو. ڪڻڪ ۽ اٽي جو اگهه طئي ڪرڻ بابت ڊي سي آفيس ۾ ٿيل اجلاس دوران فلور مل مالڪن نئين سرڪاري اگهه 65 رپيا في ڪلو اٽو وڪرو ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. فلور مل مالڪن ڪنهيا لعل، ياسين، اٽي چڪي مالڪن حاجي محمد ميمڻ، حاجي نجم الدين چوهاڻ ۽ ٻين گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اٽو سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪرڻ تي زور ڀريو ته چڪي مالڪن واضح ڪري ڇڏيو ته حڪومت اهو اگهه فلور ملز لا مقرر ڪيو آهي، جنهن جو اٽي چڪين سان ڪو تعلق ناهي، جيڪڏهن سرڪاري ڪوٽا جاري ٿئي ٿي ته ان حساب سان اٽو وڪرو ڪيو ويندو. اٽي چڪي مالڪن چيو ته سنڌ حڪومت جنهن اگهه تي سرڪاري ڪوٽا تحت ڪڻڪ فراهم ڪندي ان ۾ 22 رپيا خرچ شامل ڪري اٽو وڪرو ڪيو ويندو. اجلاس دوران فلور مل مالڪن موقف اختيار ڪيو ته حڪومت تمام گهٽ اگهه مقرر ڪيو، تنهن ڪري اسان گهٽ ۾ گهٽ 75 رپيا في ڪلو اٽو وڪرو ڪري سگهون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button