سنڌ

ميرو خان ۾ ٽينٽ جي مالڪي تان متاثرن ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

ميرو خان ٽينٽ سٽي ۾ ٽينٽ جي مالڪي تان متاثرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، 3 ڄڻا رتورت ٿي ويا. ميروخان ۾ قائم ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل برسات متاثرن ۾ ٽينٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب 3 متاثر زخمي ٿي پيا. ٽينٽ سٽي ۾ بنا ٽينٽ جي کٽون ڇانوَ ڪري ويٺل متاثرن کي اي سي ميرو خان ناهيد ميراڻي پاران ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ عابد علي شيخ جي حڪم تي وڏي وزير جي ميرو خان آمد کان هڪ ڪلاڪ اڳ ٽينٽ ڏنا ويا هئا، وڏي وزير جي وڃڻ کانپوءِ ٽينٽ جي مالڪي تان رند ۽ لنجواڻي برادري جي متاثر ماڻهن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب امتياز رند، عزيز ۽ محمد مراد لنجواڻي زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ ميروخان اسپتال آندو ويو جتي زخمي امتياز رند کي لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته متاثرن ۾ ٽينٽ مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button