بخشاپور ۾ نوجوان چئن کان گم ٿي ويو، وارثن اغوا ٿيڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. گم ٿيل نوجوان 42 ورهين جو گل محمد ملڪ جي پٽ گل ۽ سئوٽ نادر ملڪ دانهيندي چيو ته نوجوان جو سيلون هو، جيڪو ڏهاڙي ڪمائي ٻچن جو پيٽ پاليندو آهي، چار ڏينهن اڳ سيلون تي ويٺو هو ڊيرا موڙ واسي ٽيڪسي ڊرائيور پپو ملڪ کيس چيو ته مونکي مٺل جکراڻي جي ڳوٺ جي سواري ملي آهي، تون مون سان گڏجي هل، سواري ڇڏي واپس موٽي اينداسين، جنهن بعد ڊرائيور پپو ملڪ کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويو ته اڃان تائين واپس نه موٽيو آهي. جنهن بعد گل محمد جو موبائيل نمبر پڻ بند ٿي ويو آهي، جنهن ڪري چئن ڏينهن کان اسان جو ساڻس ڪو رابطو نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ڪار ڊرائيور پپو ملڪ به گم آهي، جنهن جو ڪو ڏس پتو ناهي. هنن شڪ ظاهر ڪندي چيو ته گل محمد کي اغوا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسان جي گهر ۾ ماتم متل آهي. ھنن ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته مبينا طور گم ٿيل نوجوان جي ڳولا ۽ بازيابي لا مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close