لاڙڪاڻو/شڪارپور/قمبر/شهدادڪوٽ/ سجاول جوڻيجو/ ميرو خان/ ڏوڪري (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن لاڙڪاڻو، شڪارپور، شهدادڪوٽ، رتوديرو، سجاول جوڻيجو، قمبر، ڏوڪري، ميرو خان ۽ آريجا ۾ برسات متاثرن جي رليف ڪئمپن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته اسان سڀني کي امداد پهچائي نه سگهيا آهيون، سنڌ ۾ مليريا ۽ بخار جي دوا ختم ٿي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ هيل غير معمولي برساتون وسيون آهن، ايتريون برساتون اڳ ڪڏهن به نه پيون آهن، اڃا به ڪيترن هنڌن تي پاڻي موجود آهي، پراڻا رڪارڊ ته ناهن پر اڳ کان ڏهوڻ، يارهوڻ تي وڌيڪ برسات پئي آهي، اهو سمورو پاڻي ڪڍڻو آهي جنهن لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته پاڻي ڪڍڻ دوران ڪنهن ٻئي کي تڪليف ۾ نه وجهون ۽ ماڻهن تي الزام نٿو هڻان پر هر ڪنهن کي پنهنجي ڳوٺ اڳيان پاڻي بيٺل آهي ته اهو پاڻ به ڪڍرائي، انهن ماڻهن کي رڳو اهو پاڻي نظر ايندو آهي ۽ اهو سمجهندو آهي ته سرڪار اهو پاڻي هتان ڪڍي اڳتي موڪلي ڇڏي پر هتي هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي جنهن ڪري جيڏانهن ڏسندا پاڻي نظر ايندو. پاڻي نڪرڻ ۾ وقت لڳندو 75 سيڪڙو پاڻي هڪ ڏيڍ مهيني ۾ ڪڍي وٺنداسين. هن چيو ته اسان کي 15 لک خيمن جي ضرورت آهي صرف ساڍا 4 لک خيما ڏنا ويا آهن ان حساب سان اسان ماڻهن تائين ٽينٽ نه پهچائي سگهيا آهيون. هن چيو ته سمورن ملڪن مان 10 هزار کان به گهٽ ٽينٽ مليا آهن، هي وڏو سانحو آهي ماڻهن جي تڪليف ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ جي ڪيترن ضلعن ۾ 1100 ملي ميٽر برسات پئي ۽ پڊ عيدن ۾ 1800 ملي ميٽر برسات پئي. جڏھن ته سنڌ جي ايراضي 41 ھزار اسڪوائر ڪلوميٽرن تي آھي. جيڪڏھن ان جو سراسري جائزو وٺبو ته 140 ملين ايڪڙن تي پاڻي بيھي چڪو آھي. جيڪو 20 تربيلا ڊيمن جي برابر آھي اھو ئي سبب آھي جو جتي نظر پوندي اتي پاڻي ئي پاڻي نظر ايندو. سنڌو درياءَ جي ساڄي پاسي ڪشمور کان سيوھڻ تائين صرف پاڻي آھي ۽ ھر ڪوئي اھو چاھي ٿو ته ان جي علائقي مان پاڻي نيڪال ٿئي پر پاڻي ڪڍڻ ۾ وقت لڳندو. منڇر ڍنڍ ذريعي پاڻي کي نيڪال ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير امدادي سامان ڏيندڙ ملڪن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ھي برساتون وڏي سانحي کان گھٽ ناھن پر سنڌ حڪومت ماڻھن جي تڪليفن کي گھٽائڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪري رھي آھي. وڏي وزير مراد علي شاهه شڪارپور جي بينظير ٽائون ۾ ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير ڳالهائيندي چيو ته ٻن مهينن اندر پاڻي ڪڍي آبادين کي بحال ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي، ٻن مهينن ۾ 75 سيڪڙو پاڻي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. وڏي وزير چيو ته اسان ڪنهن کان به پِني نه رهيا آهيون، جن جي ڪري هي سڀ ڪجهه ٿيو، انهن جي ذميواري آهي ته مدد ڪن. ٻئي طرف قمبر با پاس تي ٻوڏ متاثرن جون شڪايتون ٻڌيون ۽ ساڻسن گڏ ويهي چانهه به پيتي. ان موقعي تي متاثرن راشن ۽ دوائون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون. وڏو وزير مراد علي شاهه جو ڏوڪري اسپتال پهچڻ تي وڏي انگ ۾ متاثر پهچي ويا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي تعليمدان استاد لياقت علي ميراڻي وڏي وزير چيو ته توهان عوام جا نوڪر آهيو، ٻوڏ سبب سڄي سنڌ جا ماڻهو متاثر ٿيا آهن پر هتان جا چونڊيل نمائندا ۽ ڪامورا من پسند ماڻهن کي رات جي وقت امدادي سامان ڏئي رهيا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. ان موقعي تي متاثرن ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو خلاف امدادي سامان ٽينٽ، راشن، مڇردانيون ۽ دوائون نه ملڻ جون شڪايتون ڪندا رهيا. وڏي وزير کي فارم ڪالوني وٽ ٽينٽ سٽي جو دورو ڪرڻو هو پر چونڊيل نمائندن خلاف شڪايتون وڌڻ سبب اسپتال مان ئي واپس روانو ٿي ويو. ان موقعي تي استاد لياقت علي ميراڻي کي وڏي وزير جواب ڏيندي چيو ته بلڪل عوام جو نوڪر آهيان ۽ دل سان خدمت به ڪري رهيو آهيان، توهان مونسان گڏ نڪري ڏسو ته توهان کي خبر پئجي ويندي. وڏي وزير چيو ته سڄي سنڌ جي مختلف علائقن جو مان پاڻ جائزو وٺي رهيو آهيان هر متاثر جي مدد ڪئي ويندي. ٻئي طرف وزيراعلى ميرو خان پهچي ٽينٽ سٽي جو دورو ڪري متاثرن کان ڄاڻ ورتي. ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ عابد علي شيخ جي هنگامي حڪم تي تي اي سي ميرو خان ناهيد ميراڻي وڏي وزير جي آمد کان هڪ ڪلاڪ اڳ ٽينٽ سٽي ۾ ٻن هفتن کان کليل آسمان هيٺ کٽون ڇانوَ ڪري ويٺل متاثرن کي ٽينٽ، واٽر ڪولر، فراسيون ۽ ٻيو سامان ڏيڻ سان گڏ وڏي وزير اڳيان شڪايتون نه ڪرڻ جون منٿون ڪندو رهيو پر وڏو وزير جئين ئي ٽينٽ سٽي ۾ پهتو ته ٽينٽ سٽي ۾ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي متاثرن ٽينٽ، راشن ۽ ٻيو امدادي سامان، صحت سهولتون نه ملڻ ۽ متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان من پسند ماڻهن کي سفارش تي ڏيڻ سان گڏ انتظاميا طرفان غير معياري کاڌو ڏيڻ جون دانهون ڪيون. ان موقعي تي وڏي وزير ٽينٽ سٽي جي فوڪل پرسن اي سي ناهيد ميراڻي کان تفصيل ورتا ۽ ڊي سي کي سمورا مسئلا حل ڪرائڻ ۽ متاثرن کي هن وقت تائين ڏنل امدادي سامان جي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، لکين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿيڻ سان گڏ شهرن توڙي ڳوٺن ۾ لکين گهر ڊهي پيا، جنهن ڪري سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، سنڌ سرڪار برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ انهن جي بحالي لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي ۽ متاثرن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته ڪشمور کان سيوهڻ تائين سمورا ضلعا درياهه جو منظر پيش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پاڻي صرف منڇر ڍنڍ جي ذريعي سنڌو دريا ۾ ويندو ۽ ان کانسوا ٻيو ڪو حل ناهي، هن اعتراف ڪيو ته اسان گهربل شيون نه ملڻ ڪري سڀني کي امدادي سامان نه ڏيئي سگهيا آهيون. هن اعتراف ڪيو ته مليريا ۽ بخار جي دوا ختم ٿي وئي آهي، مڇردانين جي وڏي کوٽ آهي، هن چيو ته اسان سنڌو دريا کي ڇهن هنڌن تان ڪٽ ڏنا آهن، انهي باوجود صرف 2 لک ڪيوسڪ پاڻي منڇر ڍنڍ کان درياهه ۾وڃي رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته شهدادڪوٽ ۽ ايف پي بچا بند ۾لڳايل هر ڪٽ کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي، باقي ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي تمام گهڻو آهي انهي کي نيڪال ڪرڻ ۾ وقت ضرور لڳندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close