سنڌ

قمبر انتظاميا راشن ڏيڻ بهاني ٻوڏ متاثرن کان روڊ صاف ڪرايو

قمبر ۾ ٻوڏ متاثر کان راشن بهاني روڊ صاف ڪرايو ويو. سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ ٻوڏ متاثر چئي رهيا هئا ته اسان کي عملدارن چيو آهي ته روڊ تان گند ڪچرو صاف ڪري ٻهاري ڏيو ته اوهان کي راشن ڏينداسين. قمبر ۾ وزير اعلى مراد علي شاهه جي آمد تي ٻوڏ متاثرن کي راشن جو ڏٽو ڏئي کين قمبر جي روڊن تي پيل گند ڪچرو صاف ڪرايو ويو. اهڙي عمل جي شهر جي سوشل ورڪرن سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قمبر جي انتظاميا تي سخت تنقيد ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button