سنڌ

قومي عوامي تحريڪ جو ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف پيادل مارچ

لطيف آباد ۾ سنڌو درياهه جي ڪچي ۾ درجن کان وڌيڪ ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن کي ٽينٽ، راشن، مڇر دانيون ۽ چوپائي مال جو چارو نه ملڻ ۽ ڪچي ۾ بلڊر مافيا جي غير قانوني اسڪيمن لاءِ ڏنل ھٿرادو بند ختم نه ٿيڻ ڪري پاڻي ڳوٺن ۾ بيهڻ خلاف لطيف آباد نمبر 10 ڀرسان بچا بند ۽ گنجو ٽڪر تي پنھنجي مدد پاڻ تحت ويٺل ٻوڏ متاثرن ۽ قومي عوامي تحريڪ لطيف آباد پاران اي سيڪشن ٿاڻي وٽان ريلي ڪڍي عورتن ۽ ٻارن سميت پيادل مارچ ڪري شھباز بلڊنگ اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ريلي جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ الطاف خاصخيلي، اصغر لغاري، شفيع ملاح، اجمل، ڌارشي، مشتاق، مير محمد سولنگي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پ پ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي. ڊي سي حيدرآباد من پسند ماڻھن کي نوازي رھيو آھي. لطيف آباد نمبر 10 ڀرسان بچا بند تي ھزارين خاندان بي يارو مددگار آھن، ڪنھن کي به ٽينٽ ناھي مليو، متاثر ڪکن ۽ پنن جون جھڳيون ٺاھي ويٺا آھن، سڄو ڏينھن اس ۾ معصوم ٻار، پيرسن ماڻھو ۽ نياڻيون سڙي رھيون آھن، علائقي مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي. 10 ڏينھن ۾ 9 ٻار، عورتون ۽ بزرگ مليريا ۽ دستن جي بيماري ۾ فوت ٿي چڪا آھن، ھڪ ڳوٺاڻو نانگ جي ڪکڻ سبب فوت ٿي ويو. اڳواڻن چيو ته چوپايو مال بکن ۽ بيمارين ۾ مري رھيو آھن. بيمار ماڻھو علاج لاءِ پنھنجي گھرن جا سامان وڪڻي رھيا آھن، ڪنھن به متاثر کي راشن ناھي مليو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button