سنڌ

جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي استادن جي ڀرتي مڪمل ڪرڻ جي هدايت

سنڌ حڪومت جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي استادن جي ڀرتين وارو مرحلو رولڙي جو شڪار ٿيڻ تي ڊائريڪٽرز، ڊي اي اوز سميت لاڳاپيل عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 15 آڪٽوبر 2022ع تائين ڀرتين وارو مرحلو مڪمل ڪرڻ جو الٽيميٽيم ڏئي ڇڏيو. خبر موجب تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه جي سربراهي ۾ ڪالهه شهباز هال حيدرآباد ۾ سيڪريٽري ايجوڪيشن اڪبر لغاري، ڊائريڪٽرز ايجوڪيشن ۽ ڊي اي اوز سميت لاڳاپيل آفيسرن سان ڀرتين واري عمل تي گڏجاڻي ٿي، ان دوران سيد سردار شاهه تعليم کاتي جي سمورن ضلعي عملدارن کي هدايت ڪئي ته آ بي اي معرفت جي اي ايس ٽيز ۽ پي ايس ٽيز لاءِ ڪامياب ٿيندڙ سمورن اميدوارن جي مقرري 15 آڪتوبر 2022ع تائين هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي. ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ ۾ تدريسي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته مقرري واري عمل کي مڪمل ڪيو وڃي. هن مقرري جي عمل ۾ سستي ڪندڙ عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پاليسي واضح هجڻ باوجود پاس ٿيندڙ اميدوارن جي ڀرتي عمل کي وقت سر مڪمل نه ڪرڻ حيران ڪندڙ آهي. هن چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ استادن جي ڀرتي جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، جن ضلعن ۾ اهو عمل رولڙي جو شڪار آهي، اتي مسئلن جي حل لاءِ هرممڪن قدم کنيا وڃن. ڄاڻايل آسامين لاءِ امتحانن کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. ڊائريڪٽرز ايجوڪيشن کي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ بعد پاڻي ۾ ٻڏل اسڪولن جي متبادل طور تي ٽينٽ سٽيز ۾ عارضي اسڪولز قائم ڪيا وڃن. مان پاڻ وڊيو ڪال ذريعي ٽينٽ اسڪولن جي نگراني ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button