سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبي ۾ 20 آگسٽ کان شروع ڪيل امدادي سرگرمين ۽ نقصان جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته صوبي ۾ متاثرن جي لاءِ 2908 رليف ڪيمپون ڪم ڪري رهيون آهن. انهن رليف ڪيمپن ۾ 382871 متاثر موجود آهن. هن چيو ته متاثرن ۾ هينئر تائين 318264 ٽينٽ ورها ويا آهن، انهن کي 2392722 مڇردانيون ۽ 842568 راشن بيگز به ڏنا ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سرندي وارا حضرات ۽ فلاحي ادارا امدادي سامان ورهائڻ جي لاءِ صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي سان رابطو ڪن، ڇو ته پي ڊي ايم اي جي رهنمائي ذريعي مستحق ۽ ضرورتمند ماڻهن تائين بهتر نموني امداد پهچائي سگهجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي تائين برساتن سبب 747 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته برساتن دوران سموري صوبي ۾ 376574 جانور به مري چڪا آهن، جڏهن ته برساتن سبب 1816044 جاين کي نقصان پهتو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي ۾ 3773707 ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿيا آهن. ان کان علاوه برساتن سبب 803 روڊن جو 8389 ڪلو ميٽر حصو تباهه ٿيو آهي. جڏهن ته 165 پلن کي نقصان پهتو آهي. ڪراچي جي 5 ضلعن ۾ لڳايل 32 رليف ڪيمپن جا تفصيل ٻڌائيندي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته انهن ۾ 16104 متاثر موجود آهن، انهن متاثرن کي هنن جي گهرن ۾ رهائش فراهم ڪرڻ ترجيح آهي ۽ سنڌ حڪومت متاثرن جي گهرن جي تعمير ۾ هنن جي مدد ڪندي. اوڀر ضلعي ۾ لڳايل 15 ڪيمپن ۾ 8476 ٻوڏ متاثرن کي ترسايو ويو آهي. ضلعي سائوٿ جي 6 ڪيمپن ۾ 3812 متاثرن کي ترسايو ويو آهي. ڪورنگي ضلعي ۾ هڪ ڪيمپ آهي، جتي 408 متاثرن کي رهائش مهيا ڪئي وئي آهي. ملير ضلعي جي 9 رليف ڪيمپن ۾ 3288 متاثر موجود آهن، ڪيماڙي ضلعي ۾ هڪ رليف ڪيمپ آهي، جتي ٻوڏ متاثرن جو تعداد 120 آهي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻي سبب 2548 سرڪاري عمارتون به متاثر ٿيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close