سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه استاد ڀرتي عمل ۾ سستي مان ڪم وٺڻ ۽ اميدوارن طرفان شڪايتن تي آفيسرن کي فائنل وارننگ ڏئي ڇڏي آهي، ثقافت ۽ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن ضلعي تعليمي آفيسرن تي ڪاوڙ ڪئي، اجلاس ۾ تعليم واري وزير استاد ڀرتي عمل ۾ سستي کان ڪم وٺڻ ۽ اميدوارن طرفان شڪايتن تي آفيسرن کي فائنل وارننگ ڏني. هن چيو ته مون کي استادن جي ڀرتي جي عمل جي حوالي سان ضلعي تعليمي آفيسرن جي آفيس جي خلاف شڪايتون ملي رهيون آهن، مون کي رڪارڊنگ ۽ ثبوت به مليا آهن، ضلعي تعليمي آفيسرن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، تعليم واري وزير آفيسرن کان سوال ڪيو ته تعليم جي وزير جي آفيس مان ڪوئي دٻاءُ آهي، يا ڪوئي پريشان ڪري رهيو آهي ته مون کي ٻڌايو، سردار علي شاهه تعليم کاتي جي ضلعي آفيسرن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڀرتين ۾ دٻاءُ وجهندڙن کي هاڻي سزا ڏيندس. صوبائي وزير چيو ته ضلعي تعليمي آفيسرن جي آفيس مان استادن جي ڀرتين ۾ پئسا گهريا ٿا وڃن ته هي اوهان جي ۽ منهنجي لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام آهي، استادن جي ڀرتين ۾ پئسا گهرڻ حرام آهي. سردار علي شاهه چيو ته ڪوئي قومي اسيمبلي ميمبر جو ماڻهو جيڪڏهن ڀرتي لاءِ سفارش ڪري يا دٻاءُ وجهي ته مون کي ٻڌايو کيس انهيءَ وقت گرفتار ڪرائي ڇڏيندس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close