سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آ بي اي ماستري جي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ اميدوارن احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ شبير مهيسر، سروپ ڪمار، اجي ڪمار، ولي محمد وسطڙو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽنڊوالهيار ۾ اميدوارن نعمان ساهوال، غلام اڪبر جروار، شفيع محمد ساهوال، اياز جروار، اسد جروار، بابر جروار ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. نوابشاهه ۾ اميدوارن سجاد لغاري، عبدالغفار جمالي، راشد خاصخيلي، اڪرم چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. قاضي احمد ۾ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف تعلقا پريس ڪلب قاضي احمد اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. جروار ۾ آ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 سيڪڙو مارڪون ڪندڙن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. بدين ۾ اميدوارن شعيب ڀرڳڙي، نورحسين کوسو، شھاب الدين بليدي، غلام نبي چانگ، مظهر جمالي، رزاق انصاري ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. سجاول ۾ سلطان کوسو، شوڪت هالو، حبيب الله رانٽو، محمد سليم خاصخيلي، احسان ٻجورو، آصف ميمڻ، مقبول ميمڻ، شنڪر لال جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته آئي بي ٽيسٽ تمام گهڻي ڏکئي هئي، جنهن ۾ 33 کان 39 مارڪن وارن کي پاس نه ڪيو ويو، جڏهن ته سياسي آشرواد رکندڙ اميدوارن کي 32 مارڪن تي پاس ڪري ناانصافي ڪئي وئي آھي. هنن چيو ته گذريل ڏينهن استادن جي ٽريننگ واري اداري ليٽر جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 33 مارڪون کڻندڙ اميدوار ٻيهر ٽريننگ وٺي ٽيسٽ ڏين جنهن کي رد ڪريون ٿا اهي ڊرامي بازي بند ڪئي وڃي. ھنن چيو ته اڌ سنڌ ھارڊ ايريا ۽ اڌ سنڌ سافٽ ايريا واري سنڌ حڪومت جي پاليسي اسان کي منظور ناھي. ھنن چيو ته سنڌ حڪومت ھڪ ليٽر لکي سنڌ جي 18 تعلقن ۾ 25 کان 39 مارڪون کڻندڙن کي ٽريننگ ڏيڻ جو لولي پاپ ڏنو ويو آھي، ھنن چيو ته ھڪ سنڌ ھڪ پاليسي ھجڻ گھرجي جڏهن ته اسان 33 مارڪون کڻندڙن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ 5 آڪٽوبر تي وزير اعليٰ ھائوس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close