سنڌ

قمبر ۾ سرڪاري اعلان تي عمل نه ٿيو، ڪڻڪ جو اٽو 120 روپيا ڪلو وڪرو

سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي اٽي جو اگهه 65 روپيا مقرر ڪرڻ باوجود قمبر ۾ سرڪاري اگهه تي عمل نه ٿي سگهيو. قمبر شهر ۾ ڪڻڪ جو اٽو 120 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، واپارين سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهرين کي واپاري ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت پاران جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته عوام کي ڪڻڪ جو اٽو 65 رپيا ڪلو ملندو پر اهڙي نوٽيفڪيشن تي عمل نه ٿي سگهيو، جنهن سبب شهرين ۾ مايوسي پکڙجي وئي آهي. جڏهن ته قمبر ۾ پرائيس ڪنٽرول اٿارٽي جو ڪو نالو نشان ناهي ۽ نه ئي وري اسسٽنٽ ڪمشنر ڪڏهن به اهڙي مهانگائي ۾ بازار وڃي وڌيڪ اگھه وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. ان موقعي تي شهرين افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت سکڻا نوٽيفڪيشن جاري ڪري مهانگائي جي ماريل عوام سان مذاق ڪري رهي آهي پر سنڌ حڪومت پنهنجي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تي عمل نه ڪرائي سگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button