ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل مدئجي واسي ٽرڪ ڊرائيور بازياب نه ٿي سگهيو. ڊرائيور جي بازيابي لا بروهي برادري سڀاڻي ڪنڌڪوٽ-ڪشمور روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو. 5 ڏينهن اڳ ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل مدئجي واسي نوجوان ٽرڪ ڊرائيور نصير بروهي کي پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي. ان سلسلي ۾ مدئجي ويجهو ڳوٺ فقيرپور ۾ نوجوان جي اغوا خلاف بروهي برادري جو ڪٺ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ بروهي برادري جي مختلف پاڙن جي چڱن مڙسن سميت وڏي انگ ۾ بروهي برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن دوران ڪٺ ۾ موجود ماڻهن ڪنڌڪوٽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي بروهي برادري جي ماڻهن سڪندر بروهي، حاجي غوث بخش بروهي، رضا محمد بروهي، علي حسن بروهي، علي احمد بروهي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته اسان جي نوجوان نصير بروهي جي اغوا واري واقعي کي پنج ڏينهن گذري ويا پر پوليس کيس بازياب ڪرائي ناهي سگهي. هنن چيو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور پوليس نوجوان جي بازيابي لا جيڪا مهلت گهري هئي جيڪا اڄ ختم ٿي آهي پر پوليس نوجوان کي هن وقت تائين بازياب ناهي ڪرائي سگهي. ڪٺ دوران موجود ماڻهن چتا ڏيندي چيو ته پوليس جي مهلت ختم ٿيڻ کانپو اسان سڀاڻي (اڱاري) ڏينهن ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻو هڻنداسين، جيستائين پوليس نوجوان کي بازياب نه ڪرائيندي، اسان جو اهو ڌرڻو جاري رهندو. هنن دعوى ڪندي چيو ته ڪنڌڪوٽ واري ڌرڻي ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ ٿيندا، جنهن جو سڏ ڏنو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close