سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جو فيون معاف نه ڪرڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان مرڪزي سڏ تي تعليمي ادارن ۾ فيس معاف نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي صدر فرحان ڪلھوڙو، سرفراز سومرو، تنوير مگسي، اعتزاز گائينچو، زبير سرگاڻي، حسيب جوکيو، وحيد حاصلو، ظفر جعفري، ساجد ميمڻ، فھد لانگاهه ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ جي تباهه ڪارين سبب غريب شاگرد انتھائي پريشاني جو شڪار آهن، جنهن ڪري شاگرد تعليمي ادارن جون فيون ڀري نٿا سگهن، تنهن ڪري فيون معاف ڪري غريب شاگردن کي تعليم جو حق ڏنو وڃي. هنن چيو ته نئين انٽري ٽيسٽ جي فيس معاف ڪرڻ سان گڏوگڏ غريب شاگردن کي اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ۽ جن شاگردن جا سرٽيفڪيٽ، مارڪ شيٽون ٻڏي ويون آهن، انھن کي ڊپليڪيٽ سرٽيفڪيٽ مفت ۾ جاري ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button