سنڌ

مدئجي ويجهو سم شاخ تي مڇي فارم ٺاهي قبضو ڪرڻ خلاف احتجاج

مدئجي ويجهو ڳوٺ نئون امروٽ ٻاهران گذرندڙ سم شاخ تي بااثرن قبضا ڪري ڇڏيا. بااثرن سم شاخ کي بند ڪري مڇي جا فش فارم ۽ گهر تعمير ڪري ڇڏيا، جڏهن ته سم شاخ بند هجڻ ڪري سم جو گندو پاڻي اوور فلو ٿي گهرن ۾ داخل ٿئي پيو، جنهن سبب ڪيترائي گهر ڊهي ويا ۽ گهرن ۾ گندو پاڻي هجڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب مليريا، گيسٽرو، چمڙي جي بيماريون وڌي ويون آهن. سماجي اڳواڻ گل حسن دل، دين محمد، توفيق، امتياز، سلمان، زبير،فياض ۽ ٻين بااثرن جي قبضي ۽ سم جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته بااثرن سم شاخ تي قبضا ڪري مڇي جا فارم ۽ سم جي ڪڙ تي گهر ٺاهي ڇڏيا آهن، سم شاخ بند هجڻ ڪري سم جو گندو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿئي ٿو، جنهن سبب اسان جا ڪيترائي گهر ڊهي ويا ۽ گهرن ۾ گندو پاڻي هجڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن ڪري بيمارين ڪر کنيو آهي. هنن چيو ته ڪافي ڀيرا انتظاميا وارن اطلاع ڪرڻ سان گڏ درخوستون ڏنيون آهن پر انهن صرف آسرا ڏنا آهن. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سم شاخ تان قبضا ختم ڪري سم جي کاٽي ڪرائي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button