سنڌ

اسٽيل مل جي 5 ارب کان وڌيڪ ماليت جي ايراضي تي قبضا

پاڪستان اسٽيل مل جي انتظاميا جي غفلت ۽ گڏيل صلاح سان اداري جي ملڪيت قيمتي ايراضي جيڪا 250 ايڪڙ تي ٻڌل آهي ۽ جنهن جي 2020 ۾ ماليت 5 ارب 50 لک رپيا هئي، ان تي لينڊ مافيا قبضو ڪري پلاٽ وڪرو ڪري ڇڏيا. ان ڳالهه جو انڪشاف سرڪاري آڊٽ رپورٽ ۾ ڪيو ويو، دستاويزن مطابق 2018 جي آڊٽ رپورٽ جيڪا آڊٽ آفيسر عبدالحميد عباسي جاري ڪئي، ان مطابق ڊي ايس ايم جي ملڪيت 344 ايڪڙ ايراضي جنهن جي ماليت 3 ارب 44 ڪروڙ رپيا هئي، ان تي لينڊ مافيا 5 ڳوٺ آباد ڪري ڇڏيا، انهن ۾ عباسيه سوسائٽي، ميان خان جوکيو ڳوٺ، پوٺو ڳوٺ، علي اڪبر ڳوٺ ۽ پير سرهندي ڳوٺ شامل هئا رپورٽ ۾ لکيو ويو ته هي قبضا مبينا ملي ڀڳت سان ڪيا ويا ۽ اثرائتا قم کڻي اداري جي زمين آجي ڪرائي وڃي پر انتظاميا خاموش ويٺي رهي. وڌيڪ لکيو ويو ته هن قيمتي زمين جي في ايڪڙ قيمت 2 ڪروڙ آهي ۽ اسٽيل مل انتظاميا پنهنجي زمين آجي ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. خدشو آهي ته اسٽيل مل انتظاميا جي غفلت ۽ ڪوتاهي سان اداري جي وڌيڪ زمينن تي قبضا ٿي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button