ڪراچي جي ڪورنگي ضلعي ۾ پوليس موبائيل جي ڪار چوري جي واردات ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سي سي ٽي وي فوٽيج به منظر عام تي اچي وئي آهي، ڪراچي جي ڪورنگي ضلعي ۾ پوليس موبائيل ۾ آيل شخص شهري جي گهر کان ٻاهر بيٺل ڪار چوري ڪري ويو، سي سي ٽي وي فوٽيج ڪار چوري ۾ پوليس جي مبينا ملوث هجڻ کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ڪورنگي جي علائقي الله والا ٽائون سيڪٽر 31 ۾ گهر جي ٻاهران بيٺل ڪار چوري ڪئي وئي، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اي پي سي نما پوليس موبائيل اچي گهٽي ۾ بيهي ٿي، جنهن مان اڇي رنگ جي شلوار قميص پهريل ڪار چور لهي ٿو، پهريان هڪ گهٽي کي چڱي طرح ڏسي ٿو، پوءِ ڪار ۾ ويهي ڪجهه گهڙين کان پوءِ پوليس موبائيل کي اشارو ڪندي ان کي اسٽارٽ ڪري ڪاهي وڃي ٿو. فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪار ۽ پوليس موبائيل گڏ گهٽي کان ٻاهر نڪرن ٿيون، جڏهن ته موبائيل جي پٺيان به چند ماڻهو ويٺل نظر اچي رهيا آهن. واقعي جو ڪيس ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي ميمبر راجا اظهر ٻڌايو ته پوليس پهريان متاثر شهري جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته هي پوليس موبائيل نه آهي پر ان سان ملندڙ جلندڙ گاڏي هئي، جڏهن وچ ۾ پياسين ته پوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس موجب جلد ڪار هٿ ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close