سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پيرسن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ڌرڻو

لاڙڪاڻي ۾ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ٻٽڙا جي رهواسين ڪجهه ڏينهن اڳ ڏيتي ليتي تان قتل ٿيل پيرسن جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي صاحب خان جوڻيجو پنهنجي ڀائرن رمضان، بخشل، معشوق جوڻيجو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته 19 سيپٽمبر تي منهنجي پيرسن والد علي محمد جوڻيجو جا ڏيڍ لک روپيا گهران چوري ٿي ويا، جنهن واقعي جي اين سي منهنجي والد حد جي فتح پور ٿاڻي تي الهڏتو جوڻيجو سندس پٽن روشن، ساجد، حبدار جوڻيجو سميت نامعلوم جوابدار مٿان داخل ڪرايو جنهن ڳالهه تان ڏمرجي انهن 20 سيپٽمبر شام ڌاري گهر تي حملو ڪري ڏنڊا هڻي پيرسن والد علي محمد جوڻيجو کي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي واقعي جو ڪيس جوابدارن مٿان فتح پور ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر 6 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس والد جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي جيڪي مسلسل قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏنو وڃي ٻي صورت پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button