سنڌ

ڊکڻ ويجهو گهرو اڻبڻت تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ قتل

ڊکڻ ويجهو ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ جواب پور ۾ مبينا گهرو اڻبڻت تان ٻن ڀائرن ۾ جھيڙو ٿي پيو، جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ مير حسن تڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته مقتول جي ڀاڄائي بهاران خاتون ۽ سندس مڙس شبير چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا جن مان زخمي عورت کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو. ان موقعي تي زخمي عورت جي وارثن ٻڌايو ته بهاران خاتون مٿان بيگناهه سندس ڏير مير حسن چانڊيو تشدد ڪندو هو، اڄ هن تشدد پئي ڪيو ته ان دوران بهاران جي مڙس کيس منع ڪئي جنهن تي هن ٻنهي زال مڙس مٿان فائرنگ ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ شبير چانڊيو مير حسن چانڊيو مٿان فائرنگ ڪئي جيڪو مارجي ويو آهي. ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين زخمي عورت جو علاج هلندڙ هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button