سنڌ

ڳاڙهو ڀرسان استادن جي کوٽ خلاف ٻارن جو ڪتاب کڻي احتجاج

ڳاڙهو ڀرسان اداسي شهر ۾ پرائمري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ خلاف معصوم ٻارن ۽ نياڻين روڊ تي ڪتاب هٿ ۾ کڻي انوکو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي استاد عبدالعزيز دل چيو ته شهر جي آسپاس ڪيترائي ڳوٺ آهن جن جا اسڪول بند آهن. والدين مجبور ٿي پنهنجا معصوم ٻار ٻه ٽي ڪلو ميٽر پري شهر ۾ هلندڙ اسڪول ۾ موڪلين ٿا. مون وٽ موجوده داخلا 200 آهي، جن کي آئون هڪڙو استاد ڪيئن ٿو پڙهائي سگهان. هن چيو ته مون ۽ والدين بار بار ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ وارن کي اهڙيون شڪايتون ڪيون آهن پر هو ٻڌي اڻ ٻڌي ڪريو ڇڏين. 200 ٻارن کي آئون هڪڙو استاد ڪيئن ٿو پڙهائي سگھان. ٻئي پاسي اسڪول ۾ داخل شاگردن جي والدين چيو ته اسان جي ڳوٺ جا اسڪول سفارشي آفيسرن هٿ وٺي بند ڪرائي ڇڏيا آهن، جيڪي سالن کان بند پيل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button