ڪچي پل ۾ ٽين ڏينهن به يوسي بگودڙو جي مختلف ڳوٺن، ڳوٺ غلام مرتضى چانڍيو، امير علي کوکر، نبي بخش چانڍيو سميت مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن ٽئين ڏينھن به مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر خلاف پفليٽ ھٿن ۾ کڻي ڪري گوادر موٽر وي تي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متاثرن صابر چانڊيو، عبيد چانڊيو، وزير چانڍيو. دريا خان کوسو سميت ٻين چيو ته مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻوڏ متاثرن جو سامان حقيقي متاثرن کي ڏيڻ بدران وڏيرن ۾ امداد ورھائي رھيو آھي. ھنن چيو ته ٻوڏ سبب گھر ڊھي پٽ ٿيڻ ڪري بي يارو مددگار کليل آسمان ھيٺ ويٺا آھيون متاثر بکون ڪاٽي رهيا آھن پر مختيار ڪار قبو با اثرن جي فرمائش پورو ڪري متاثرن کي پريشان ڪري رهيو آهي. ھنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته متاثرن سان ٿيندڙ ناجائزين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close