وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ٻوڏ کان پوءِ هن مشڪل وقت ۾ متاثرن جي مدد نه ڪرڻ منهنجي نظر ۾ ان کان وڏي زيادتي ۽ ظلم ٻيو ڪوئي نٿو ٿي سگهي، جلسا ۽ جلوس ڪرڻ بدران متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي، سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه هن ٻوڏ متاثر ضلعي دادو جي دوري تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، ان سان گڏ وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم دادو ضلعي ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين جو جائزو وٺڻ لاءِ هيليڪاپٽر ذريعي فضائي دورو ڪرڻ بعد خيرپورناٿن شاهه ڀرسان جکراجا ۾ پاڪ نيوي پاران قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪئي، آبپاشي کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادو ضلعي ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين، رسڪيو ۽ رليف جي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم ٻوڏ متاثرن سان ملاقاتون ڪيون. هن متاثرن سان همدردي جو مظاهرو ڪيو ۽ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رڳو دادو ۾ ٻوڏ سبب 37 ماڻهو فوت ٿيا، دادو ضلعي جا سمورا علائقا ٻوڏ سان متاثر ٿيا، اتي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، متاثرن کي ٽينٽ ۽ ٻين شين جي ضرورت آهي، وزيراعظم شهبازشريف دادو ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو ۽ خيما وسندي ۾ قائم اسڪول ۾ تعليم هيٺ ٻارڙين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. شهبازشريف چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪندڙن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪري رهيا آهن، صوبائي حڪومت ٻوڏ سٽيلن لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيون آهن، سنڌ ۾ مراد علي شاهه ايڪٽو آهي، خيما لڳل آهن ۽ دوائون ورهايون پيون وڃن، فورسز جا جوان به امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن. هن چيو ته هن مصيبت جي گهڙي ۾ جيڪڏهن ڪا خرابي اچي ته ان کي اڳتي وڌي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي، نڪي ان کي سياسي رنگ ڏنو وڃي، ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک متاثر ٿيا، ٻوڏ کان پوءِ هاڻي بحالي جو ڏکيو مرحلو آهي، هزارين ڪلوميٽر روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن، انفرااسٽريڪچر تباهه ٿي ويو آهي، اسان کي حوصلي سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، وزيراعظم چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ سمورن شعبن جا ماڻهو گڏجي ڪم ڪن ٿا، اسان کي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سياسي گيم ۾ نمبر اسڪورنگ کان پاسو ڪندي هن مصيبت جي ماريل قوم جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو وڃي، نڪي جلسا جلوس ڪري سياست ڪئي وڃي، هنن مصيبت جي ماريل ماڻهن جي واهر نه ڪئي وئي ته ان کان وڏو ظلم ڪهڙو هوندو. شهبازشريف چيو ته ٻوڏ ملڪ ۾ وڏي تباهي مچائي آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ پلون لڙهي ويون، رستا تباهه ٿي ويا، هن سنڌ حڪومت جي ساراهه ڪندي چيو ته صوبائي حڪومتون متاثرن لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيون آهن، خيمن ۾ دوائن جو انتظام آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان آرمي، پوليس، پي ڊي ايم اي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيون آهن، ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، لکين گهراڻا بي گهر ٿي ويا، متاثرن جي مدد لاءِ ريسڪيو جو ڪم جاري آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر، استاد، سياستدان ۽ هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو هن مشڪل وقت ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ۾ اسان پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي، هر فورم تي پاڪستان جي مشڪلات جي حوالي سان ڀرپور آواز اٿاريو آهيم دنيا پاڪستان جي اهنجن کان آگاهه آهي. هن ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد موڪلڻ تي سمورن ملڪن جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ پهاڙ جيڏا چئلينج اسان اڪيلي سر حل نٿا ڪري سگهون، دنيا کي اسان سان گڏجڻو پوندو، ڇو ته هي انسان جي آندل آفت آهي. هن ماحولياتي گدلاڻ ۾ اسان جو ڪردار ۽ حصو تمام گهٽ آهي، عالمي سطح تي ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ اسان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران 25 هزار رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو هن وقت تائين 42 ارب رپيا ورهائجي چڪا آهن دادو ۾ جن خيمن ۾رقم ناهي ورهائي وئي اتي به رقم ورهائي وڃي. وزيراعظم چيو ته سنڌ جا جيڪي علائقا رهجي ويا آهن، انهن کي به جلد 25 هزار رپين جي امداد ملي وينديم اسان مشڪلن مان نڪرنداسين ۽ پاڪستان کي ٻيهر آباد ڪنداسين. سيلاب سان جنگ ۾ الله اسان کي فتح ڏيندو، سمورا وسيلا ڪتب آڻي ملڪ ٻيهر ترقي ڪندو. شهباز شريف چيو ته سمرقند ۾ شنگهائي ڪانفرنس ۾ ٻوڏ جي معاملي تي مان ۽ پرڏيهي وزير بلاول سگهارو آواز اٿاريو، ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن پاڪستان سان تعاون تي خاطري ڪرائي، انهن جا ٿورائتا آهيون، جڏهن ته مدد ڪندڙن کي اڃا وڌيڪ اڳيان اچڻو پوندو، دنيا کي اسان سان گڏ بيهڻو پوندو. هن چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ 1600 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، هي جيڪا آفت آيل آهي، هي انسانن جي پنهنجي پيدا ڪيل آهي، ڪجهه ملڪ فضا ۾ ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳتي آهن، انهن جي ڪري هي گهڻيون برساتون ٿيون، جڏهن ته پاڪستان فضا ۾ ڪاربن خارج ڪرڻ جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، اسان جو ڪوئي قصور نه آهي، اسان ٻين جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close