سنڌ

باقراڻي ويجهو ڀيڻوئي چاقو هڻي سالي کي قتل ڪري ڇڏيو

باقراڻي ويجهو معمولي ڳالهه تان جوابدار پنهنجي نوجوان سالي کي چاقن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. باقراڻي ۾ معمولي ڳالھه تان جوابدار روشن علي دايو پنھنجي نوجوان سالي 25 ورھين جي عامر علي دايو کي چاقن جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن کي وارث لاڙڪاڻي اسپتال کڻائي ويا جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، جنهن بعد باقراڻي پوليس مقتول نوجوان جو لاش ڏوڪري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو. مقتول نوجوان عامر دايو جو لاش باقراڻي گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ مقتول نوجوان عامر دايو جي ڀاءُ زيب دايو صحافين کي ٻڌايو ته معمولي ڳالھه تان اسان جي ڀيڻيوي روشن علي منهنجي ڀاءُ عامر تي چاقن سان حملو ڪري کيس زخمي ڪيو، جيڪو لاڙڪاڻي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. جڏهن ته مقتول نوجوان عامر دايو جو مڙهه جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button