سنڌ

ڊکڻ ۾ قتل ڪيل نوجوان جو ٿاڻي اڳيان لاش رکي ڌرڻو

ڊکڻ ۾ چانڊيا برادري جي هٿياربندن هٿان قتل ڪيل مقتول امير حسين چانڊيو جي وارثن لاش شڪارپور-رتوديرو ها وي تي رکي ڌرڻو هنيو. گذريل ڏينهن ڊکڻ ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن ھٿان قتل ڪيل مقتول نوجوان امير حسين چانڊيو جي وارثن ڊکڻ ٿاڻي اڳيان شڪارپور رتوديرو انڊس هاءِ وي روڊ تي لاش رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي مقتول جي ماءُ صغران خاتون، ڀيڻ حسينا فاروق چانڊيو، ڀاءُ عبدالغني، بلقيس، گهروارين سونيا خاتون، انيلا خاتون ميڊيا کي ٻڌايو ته 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. پوليس جي لاپرواهي سبب جوابدار هڪ ڀيرو ٻيهر گهرن مٿان حملو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪري اسان جا 15 کان وڌيڪ ڍور ڪاهي ويا آهن. هنن ايس ايس پي شڪارپور کان انصاف جي گهر ڪئي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته انصاف جي فراهمي تائين احتجاج جاري ۽ روڊ بلاڪ رهندو، جنهن بعد ڊکڻ جي ايس ايڇ خميسو بروهي ڌرڻي هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مظاهرين ڊکڻ پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي مقتول جو لاش کڻي ايس ايس پي شڪارپور جي آفيس اڳيان انصاف فراهمي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول نوجوان مير حسين چانڊيو جي ڀيڻ ۽ ڪيس جي فريادي حسينا فاروق چانڊيو چيو ته ڊکڻ پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي. پوليس قتل ۾ ملوث مک جوابدار سڄڻ چانڊيو، سڪندر چانڊيو ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ بدران تحفظ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي خاندان کي جوابدارن مان جان جو خطرو آهي، سندن گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو. جنهن بعد ايس ايس پي شڪارپور انصاف جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خميسو بروهي ٻڌايو ته مقتول جي ڀيڻ حسينا جي فرياد تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري قتل ۾ نامزد مک جوابدار عابد چانڊيو کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي طرف ايس ايس پي آفيس مان جاري ڪيل بيان ڄاڻايو ويو آهي ته مير چانڊيو برادري جي جهيڙي ۾ قتل ٿيو آهي، جهيڙي جو مک ڪارڻ اهو آهي ته گهر ۾ زال مڙس جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو، مڙس پنهنجي گهرواري کي گوليون هڻي زخمي ڪيو. جنهن بعد زخمي عورت جا ڀائر ڀيڻ جي گهر آيا ۽ مڙس کي زخمي ڪيو ۽ سندس ڀا کي قتل ڪيو. نياڻي حسينا چانڊيو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو آهي. ڪجهه گرفتاريون ٿيون آهن، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لا پوليس جي ڪارروائي جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button