لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاءِ اسڪول ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر مردن ۽ عورتن پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مظفر ابڙو، فقيرو باگڙي، نادر چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جو واسطو ميهڙ، ميرو خان، دادو، لاڙڪاڻي شهر جي يار محمد ڪالوني سميت مختلف علائقن سان آهي، جتي مهينو اڳ پاڻي سبب اسان لڏي شهر جي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ رهائش اختيار ڪئي جتي اسان کي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي مليو ۽ وقت تي کاڌو به نٿو ڏنو وڃي. هنن الزام لڳايو ته ٻوڏ ۾ اسان جو سبب ڪجهه لڙهي ويو ۽ اسان بي گهر ٿي ويا آهيون پر انتظاميا اسان کي ملندڙ سهولتون بند ڪري اسڪول مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ تنگ ڪري رهي آهي جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته راشن، ٽينٽ ۽ کاڌو ڏئي تنگ ڪرڻ بند ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close