لعلو رائنڪ جي خاصخيلي، لوهر ۽ قاضي پاڙي جي رهواسين وچ شھر مان گذرندڙ قديمي لُنڊي واهه ۾ شھر جو نيڪال ڇوڙ ڪرڻ ۽ ان جي صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شهرين درگاهه تارڪ کان ريلي ڪڍي مختيارڪار وارهه ۽ يوسي سيڪريٽري لعلو رائنڪ خلاف بس اسٽاپ جي ايم سيد چوڪ تي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سيد خالد شاهه، پنهل چانڊيو، پرويز خاصخيلي، علي اڪبر مغيري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڪيترن ئي سالن کان غير قانوني طور لعلو رائنڪ جي لنڊي واهه ۾ شھر جو نيڪال ڇوڙ ڪيو ويو آھي. جڏھن ته شھر جو نيڪال ڇوڙ ڪرڻ باوجود يوسي انتظاميا پاران واهه جي کاٽي نه پئي ڪرائي وڃي، جنهن سبب گند ۽ مٽي سان واهه ڀرجي ويو آھي، جنهن جي نتيجي ۾ نيڪال جو گندو پاڻي مختلف پاڙن جي گهٽين ۾ وهي رهيو آھي. هنن چيو ته يوسي جي بجيٽ مختيارڪار ۽ يوسي سيڪريٽري هڙپ ڪري رهيا آهن. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مختيارڪار ۽ يوسي سيڪٽري کي هٽائي لنڊي واهه جي صفائي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close