راڌڻ ۾ نقلي ٻج ۽ نقلي ڀاڻ جي وڪري خلاف آبادگارن ۽ ھارين شاھد بروھي. جاويد بروھي. عابد ويگهيو. نياز ويگهيو. حاجي نظير بروھي جي اڳواڻي ۾ راڌڻ ۾ مھيسر پيٽرول پمپ تي ٽائر ساڙي ناڪو چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آبادگارن دانهيندي چيو ته ھنن بابو بجاج کان ها برڊ ٻج خريد ڪري پوکيو، جيڪو پاپڙي ڪري ويو، آبادگارن ۽ ھارين جا لکين رپيا لڙھي ويا آهن. هنن اختيارين کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي ھاري نياز ويگھيو ٻرندڙ ٽائر ڳچي ۾ وجهي پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ٻين ماڻهن بچائي ورتو. بعد ۾ ايس ايڇ او راڌڻ منور چانڊيو جي وي آئي پي ڊيوٽي سبب اي ايس آ منظور وگهيو احتجاج ڪندڙن وٽ پھچي ملاقات ڪري کين مسئلي حل ڪرڻ جي يقين ڌيان ڏياري ڊيلر بابو بجاج سان ملي مسئلي جو حل ڪڍي ٻنھي ڌرين کي فيصلي لا راضي ڪري ورتو. جنهن بعد مظاهرين احتجاج ختم ڪري روڊ کولي ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close