سنڌ

ڪراچي ۾ چيني ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي فائرنگ،هڪ قتل،2 زخمي

ڪراچي ۾ صدر جي علائقي ۾ چيني ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. ڏکڻ ضلعي جي سينيئر سپرنٽينڊنٽ پوليس فرخ رضا جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي واقعي ۾ ڊاڪٽر ايڇ يو رچرڊ جو ملازم رونالڊ ريمنڊ چائو مارجي ويو. ايس ايس پي موجب فائرنگ ۾ چيني ڊاڪٽر ايڇ يو رچرڊ ۽ سندس زال مارگريٽ زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته حملي آور مريض بڻجي ڪلينڪ ۾ آيو ۽ پنهنجو وارو اچڻ تي ڊاڪٽر تي فائرنگ ڪري ڏني.زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ايس ايس پي موجب زخمي ڊاڪٽر ۽ سندس زال جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. هوڏانهن صوبائي حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صدر ۾ پيش آيل واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. سنڌ جي وڏي وزير ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل (اي آءِ جي) ڪراچي کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي قاتلن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.هن چيو ته اهڙن واقعن کي برداشت نٿو ڪري سگهجي. ياد رهي ته هلندڙ سال 26 اپريل تي ڪراچي يونيورسٽي جي ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ٻاهران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 چيني شهرين سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button