سنڌ

آڊيو ليڪس بعد عمران خان وائکو ٿي ويو آهي:شرجيل ميمڻ

صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه ۽ مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته هن وقت ٻوڏ سبب لکن جي انگ ۾ پاڪستاني پريشان آهن، انھن جي بحالي اسان سڀني جي ترجيح ھجڻ گهرجي. ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ٻوڏ متاثرن جي بحالي آهي، هي وقت سياست ڪرڻ جو ناهي. هنن چيو ته اسان جي پوري قيادت، وزيراعليٰ سنڌ، سنڌ ڪابينا جا ميمبر، ايم پي ايز، ايم اين ايز سنڌ جي عوام کي ھن ڏکئي وقت ۾ وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته عوام کي مهانگائي ۾ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو وڏو قدم کنيو آهي. گذريل ڏينهن پوري سنڌ ۾ 700 ھنڌن تي عوام کي 65 روپيا في ڪلو گرام اگهھ تي اٽو فراهم ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي. صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام جي سهولت لاءِ دڪانن، اسٽالن ۽ موبائل ٽرڪن جي ذريعي رعايتي قيمتن تي اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي سختي سان هدايت ڏئي وئي آهي ته يقيني بڻايو وڃي ته ان جو مس يوز نه ٿئي. هن چيو ته عوام جي معلومات لاءِ سمورن وڏين اخبارن ۾ 700 سينٽرن جي لسٽ ۽ موبائل نمبرز شايع ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير خوراڪ مڪيش ڪمار چاولا چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي سستي اٽي جي فراهمي تي 25 ارب روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته 80 سيڪڙو نامزد سينٽرن تي اٽو موجود آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ 100 سيڪڙو سينٽرن تي اٽو دستياب هوندو. هن چيو ته پوري سنڌ ۾ روزانه 8 لک ٻورين جي ضرورت آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ 4 لک ڪڻڪ جي ٻورين جي روزانه ضرورت آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ 25 هزار اٽي جا ٿهيلا دستياب ڪيا ويا هئا، جيڪي شام تائين سمورا ختم ٿي ويا هئا. هن چيو ته ڪالهه کان مارڪيٽ ۾ اٽو آڻڻ کانپوءِ مارڪيٽ ۾ عام اٽي جي قيمتن ۾ پڻ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته معياري اٽو عوام تائين پهچي. گذريل ڏينهن هڪ شڪايت آئي هئي. اٽي جي اهڙين ملن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو ۽ ان جي ڪڻڪ جو سرڪاري ڪوٽا بند ڪئي ويندي. هن چيو ته پهريو ڀيرو وڏن سپر اسٽورن تي پڻ سستي اٽي جي دستيابي يقيني بڻائي رهيا آهيون، ڇوته انهن اسٽورن تي هر طبقي جو عوام خريداري لاءِ اچي ٿو. ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات سنڌ شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، متاثرن ۾ هن وقت تائين 355384 خيما، 358998 پلاسٽڪ ترپال، 2676473 مڇر دانيون، 776313 ليٽر منرل واٽر، 49919 ڪچن سيٽس ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي، جڏهن ته 950224 خاندانن ۾ راشن ورهايو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آڊيو ليڪس جي فيڪٽري کلي وئي آهي. عمران خان جي آڊيو ليڪ سامھون اچڻ بعد ھي عوام آڏو ايڪسپوز ٿي ويا آهن، عوام جون اکيون کولڻ لاءِ اهو ڪافي آهي. زبردستي ھن شخص کي آڻي ويهاريو ويو. جنهن پنهنجي ذاتي ۽ سياسي مفادن خاطر ملڪ جي لاڳاپن کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو. هن شخص ملڪ کي مشڪل صورتحال ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. ھي ملڪ جي سلامتي سان کيڏندو رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان کي ايندڙ آڊيو ليڪس جي خبر ڪيئن پئي؟ جيڪڏهن هو وزيراعظم هجي ها ته ان معاملي تي عمران خان کي فوري طور گرفتار ڪرائي ها ۽ ھن کي ادارن جي هٿان ڇتر لڳرائي ها ته انهن کان پڇن ته ان کي ان ڳالهه جي ڪيئن خبر پئي. مڪاني کاتي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏن کانپوءِ مڇرن ۽ ڊينگي جو مسئلو آهي، جنهن سبب بيماريون پکڙجي رهيون آهن. هن چيو ته سڄي صوبي ۾ يونين ڪائونسل جي سطح تي ھنگامي بنيادن تي اسپري مشينون فراهم ڪيون ويون آهن. سنڌ جي وڏي وزير ان لاءِ خاص فنڊ جاري ڪيا ھئا. هن چيو ته سڄي صوبي ۾ اسپري مهم جاري آهي، جڏهن ته ڊي واٽرنگ تي ضلعي انتظاميا، آبپاشي کاتو، مڪاني ادارا ۽ ، پبلڪ هيلٿ گڏجي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صحت ٺيڪ آهي، الله کيس صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري. ان جو گذريل ڏينهن نارمل پروسيجر ٿيو هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، هن جذبات ۾ اچي اهو قدم کنيو . هو هاڻي به ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر آهي. سنڌ جي وڏي وزير سميت سڀني ھن کي ڪم جاري رکڻ جو چيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آڊيو ليڪس ته ٺيڪ آهن پر خوف آهي ته ڪٿي وڊيو ليڪس نه اچي وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button