سنڌ

سنڌي ٻولي ۽ لغت بابت ڊڪشنري تيار ٿي وئي، گوگل پلي اسٽور تي پيش

سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي سنڌي انفرميٽڪس شعبي مختلف ڊڪشنريز ذريعي ھڪ جامع ۽ گڏيل ايپ ٺاهي گوگل پلي اسٽور تي پيش ڪري ڇڏي آهي، هن ايپ تي سوا 2 لک لفظن جو ذخيرو موجود آهي، جنھن ۾ سنڌي، انگريزي ۽ سرائيڪي ٻولين جا لفظ شامل آھن. پلي اسٽور تي پيش ڪيل ايپ صرف 60 ميگا بائيٽ ۾ انسٽال ٿئي ٿي، جنهن تي لفظن کي آساني سان ڳولي ۽ پڙھي سگهجي ٿو، ان سان گڏوگڏ اکرن جي سائيز کي مرضي موجب رکڻ جو آپشن موجود آهي، اِها ايپ دُنيا جي ڪنھن به ڪُنڊ ۾ انٽرنيٽ کانسواءِ به ھلائي سگهجي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button