سنڌ

سنڌ جي رليف ڪئمپن ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 19 ٻارڙن جو جنم

ٻوڏ متاثرن جي اڱڻ ۾ به خوشين جا گل مهڪي پيا، ڪئمپن ۾ 19 ٻارڙن جنم ورتو آهي. تفصيل مطابق سنڌ ۾ پريشان حالت ۾ ٻوڏ متثرن جي فلڊ ڪئمپن ۾ 24 ڪلاڪن اندر 19 ٻارڙن جو ڄم ٿيو آهي. سنڌ صحت کاتي پاران وفاقي حڪومت کي ٻوڏ سٽيل علائقن بابت ڏنل رپورٽ مطابق ٻوڏ متاثرن وٽ ڄاول ٻارڙن جو انگ 3 هزار 730 ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي فلڊ ڪئمپن ۾ 9 هزار 685 ڳورهاري عورتون موجود آهن. فلڊ ڪئمپن ۾ موجود ڳورهارين عورتن مان هڪ هزار 949 عورتون حمل جي پهرين فيز ۾، 3 هزار 980 عورتون ٻئي فيز ۾ 2581 عورتون ٽئين جڏهن ته هڪ هزار 175 عورتون حمل جي آخري فيز ۾ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته صحت کاتي پاران فلڊ ڪئمپن ۾ 7 هزار 992 ڳورهارين عورتن جي طبي چڪاس ٿي چڪي آهي. ڪئمپن ۾ موجود 7 هزار 884 ڳورهاري عورتن کي ڊائٽري سپليمينٽ فراهم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 8 هزار 74 ڳورهارين عورتن کي ڊپٿيريا ۽ ٽيٽنس سميت ٻين بيمارين کان بچاءُ جون ويڪسينز لڳايون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button