سنڌ

گولاڙچي ۾ مستحق عورتن جو پئسا نه ملڻ خلاف احتجاج

گولاڙچي ۾ بينظير انڪم سپورٽ جا پئسا مستحق عورتن کي نه ملڻ واري عمل خلاف حليمان ملاح، رضيه شيخ، پارو ڪولهي ۽ ٻين ڪراچي روڊ تي احتجاج ڪيو ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊوائيس هولڊر مختلف بهانا ڪري ڊوائيس بند ڪري ڇڏين ٿا. في ڪارڊ تي هڪ هزار کان 3 هزار روپين تائين ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي. پو به سندن من ماني ڪري اسين روز ذليل ٿا ٿيون. ڪڏهن چون ٿا ته سگنل ناهن. اي ٽي ايم ايڇ بي ايل وارا به ڊوائيس هولڊر سان ملي ڀڳت ڪري رات جو سگنل اي ٽي ايم مشين مان آئوٽ آف سروس ڪري ڇڏين ٿا. 2 ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد پوليس سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس اڳيان مستحق عورتن سان عوامي تحريڪ ۽ پيپلز ليڊيز ونگ جي عورتن احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button