سنڌ

بدين ۾ 65 روپيا ڪلو اٽو فراهم،شهر ۾ 2 اسٽال لڳي ويا

بدين ۾ سنڌ سرڪار جي حڪم تي اٽو 65 في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ شاهين فلور مل انتظاميا کوسڪي روڊ تي شاهين فلور اڳيان ۽ ٻيو گولاڙچي روڊ سبزي منڊي سامهون اسٽال لڳائي سستو اٽو وڪرو ڪيو. سستي اگھه تي اٽو وڪرو ٿيڻ تي هزارين ماڻهن فائدو ورتو. ان ڏس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهين فلور مل جي مئنيجر مير فتح ريٻاري ۽ هوت چند ڪيلا چيو اسان سنڌ سرڪار جي حڪم تي عمل ڪندي ٻن ڏينهن کان اٽي جا 2 اسٽال لڳايا آهن، جنهن مان هزارين ماڻهن فائدو ورتو آهي. هي ٻئي اسٽال حڪومت پاران ڪڻڪ ملڻ تائين هلندا. هنن چيو ته شهري عام هنڌن تان مهانگو اٽو وٺڻ بدران اسان جي فلور مل جي اسٽالن تان اٽو وٺي وڌ ۾ وڌ فائدو وٺن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button