سنڌ

ٽنڊو محمد خان ۾ سستي اگهه تي اٽي جي فراهمي

ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ سرڪار جي خوراڪ کاتي طرفان عوام کي سستي اگھه تي اٽي جي فراهمي لاءِ 2 ڏينهن به بٺورو روڊ تي اسٽال قائم ڪيا ويا. ٽنڊو محمد خان شهر ۾ اسٽيشن روڊ، ڦليلي روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ خوراڪ کاتي جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر اسامه قاسمي، خوراڪ کاتي جي ڊسٽرڪٽ آفيسر سيد مهتاب علي شاهه، فوڊ انسپيڪٽر غلام رسول مزاري ۽ ٻين جي نگراني ۾ عوام کي سستي اگھه تي اٽو فراهم ڪري ڏيڻ لاءِ اسٽال لڳائي خريداري ڪرائي وئي، جنهن ۾ شهرين کي آگاهي مهم لاءِ لائوڊ اسپيڪر تي مختلف علائقن ۾ اعلان ڪيا ويا. شهرين وڏي انگ ۾ قطارون ٺاهي اٽي جي خريداري ڪئي. عملدارن چيو ته سنڌ سرڪار جي خوراڪ کاتي طرفان اٽي جي قيمتن ۾ تيزي سان واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 10 ڪلو جي اٽي جي ٿيلهي صرف 650 روپيه مقرر اگھه تي وڪرو ڪئي وئي آهي ته جيئن عوام کي 65 روپيه في ڪلو اٽو ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button