سنڌ

”تحفظ ڏنو وڃي“ باقراڻي واسي جوڙي جو احتجاج

باقراڻي جي ڳوٺ دولت کوکر جي رهواسڻ ناري روبينا ڌيءَ محمد سچل اعواڻ پنهنجي سئوٽ انصاف اعواڻ سان جيڪب آباد جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي روبينا اعواڻ پنهنجي مڙس انصاف سان گڏجي دانهيو ته منهنجا والدين زوري پئسن عيوض ٻئي هنڌ پرڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جنهن ڪري گھران نڪري پنهنجي سئوٽ انصاف اعواڻ سان جيڪب آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ شادي ڪئي. هن الزام لڳايو ته منهنجو والد سچل اعواڻ، ڀاءُ صدام، نانو عبدالله ۽ ڏير الطاف قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جن مان جان جو خطرو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button