سنڌ

قمبر ويجهو دڪاندار کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، 2 ڄڻا گرفتار

قمبر سٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ وزير شيخ ۾ مبينا اغوا جي ڪوشش علي ڏنو ولد وزير علي شيخ دانهيندي چيو ته منهنجي دڪان تي ٻہ ڄڻا پاڻ کي پوليس وارا سڏرائي مونکي کي چوڻ لڳا ته اسان پوليس وارا آهيون، صاحب توکي ٿاڻي تي گهرايو آهي، اسان سان هل جنهن تي مونکي شڪ ٿيو ته هي پوليس وارا ناهن، مون کان ڦر يا اغوا ڪرڻ آيا آهن، جنهن دوران سندس ڀاءُ ۽ ڳوٺاڻا اٿي پيا جنهن ٻنهي مبينا جوابدارن کي پڪڙي قمبر سٽي پوليس حوالي ڪيو. گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ ساجد گوپانگ ۽ ياسين گوپانگ طور ٿي آهي جيڪي قمبر جا رهواسي آهن، جن مٿان قمبر سٽي پوليس ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button