سنڌ

ڪشمور مان مبينا اغوا ٿيل نادر علي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو

ڪشمور ويجهو گڊو ٿاڻي جي حد ڪالوني نمبر ون واسي مغوي نادر علي کي 23 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرايو ويو.مغوي جي وارثن حافظ زبير احمد سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ عوامي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي زبير سولنگي دانهيندي چيو ته ڀاءُ نادر علي سولنگي کي ديرا موڙ وٽان اغوا ڪيو ويو، جنهن جو ڪو پتو ناهي پئجي سگهيو. اسان کي شڪ آهي ته ڀاءُ نادر علي سولنگي کي اسانجي چاچي گلشير، اڪبر علي سولنگي، احسن سولنگي وارن اغوا ڪيو آهي، جنهن سان زمين تي تڪرار هلندڙ آهي، زمين جو ڪيس ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي. هو ڀاءُ کي اغوا ڪري اسان کي زمين تان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿا، اسان جي زمين جو ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، جنهن جو اسٽي ورتو آهي، زمين چاچو نه وڪرو ڪري سگهي ٿو نه ئي ٻي ڪنهن کي پوکي لاءِ ڏئي سگهي ٿو. اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪري اسان جي ڀا نادر کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button