سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي برسات ۽ ٻوڏ جي تباهين لاءِ مليل عالمي امداد مستحق ماڻهن ۾ تقسيم ڪرڻ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي. سنڌ کي مستقل تباهڪارين کان بچائڻ لاءِ ايندڙ وفاقي، صوبائي چونڊن توڙي مڪاني چونڊن ۾ مضبوط قومپرست اليڪشني اتحاد جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ ترقي پسند پارٽي عملي طور قومپرست قيادت کي هڪ مضبوط پليٽفارم تي متحد ڪرڻ لاءِ عملي طور ڪوشش ۾ سرگرم آهي. اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ ڀائي خان ٽالپر ۾ سينيئر صحافي حيدر شورو جي وفات تي سندس ڀاءُ رمضان شورو، قادر شورو ۽ پونئيرن سان عذرخواهي ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته منڇر ڍنڍ کي جيڪي ڪٽ لڳائي نقصان رسايو ويو آهي ان جو ازالو هڪ صدي ۾ ڪرڻ به ناممڪن آهي، سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي تي بي گهر ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار جو سلسلو جاري آهي، افغانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيارڻ جا اعلان ڪري ان تي ڪو به عمل نه ڪيو ويو، لکين غيرقانوني پرڏيهي مستقل آباد ٿي رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close