لاڙڪاڻي جي عاقل روڊ ٍشاهه بهارو ڪالوني جي رهواسي نوجوان رورل هيلٿ سينٽر نئون ديرو ۾ دل جي مريضن کي علاج سهولتون مهيا نه ٿيڻ خلاف هٿن ۾ بئنر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ظهير حسين ڏيٿو دانهيندي چيو ته مان ڪجھه عرصو اڳ نئون ديرو هيلٿ سينٽر ۾ اِي سي جي ٽيڪنيشن طور ٻه سال ڊيوٽي ڪري چڪو آهيان، جتي دل جي مريضن لاءِ هڪ سئو بيڊن تي مشتمل اسپتال آهي، پر افسوس جو اتي مريضن کي ڪي سهولتون ناهن، ايمرجنسي دوران اسپتال ۾ پهتل مريضن جي اِي سي جي به نه ڪئي ويندي آهي. هن بلاول ڀٽو، صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي رورل هيلٿ سينٽر نئون ديرو ۾ دل جي مريضن کي علاج جون سهولتون مهيا ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close