قمبر ۾ فيڊر ٽيچرس ايسوسئيشن پاران مرڪز جي سڏ تي اين سي ايڇ ڊي استادن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن غلام فاروق ڀٽي، قربان علي کوسو، روشن علي چانڊيو، عاشق علي مگسي ۽ ٻين چيو ته سي سي آئي جي فيصلي تحت استادن کي صوبن حوالي ڪيو ويو پر افسوس سنڌ ڪابينا پاران منظور ڪيل پاليسي تحت استادن سان سراسر ناانصافي ڪئي وئي آهي. تعليم ڏيندڙ 18 سالن جو تجربو رکندڙ استادن کي پڪو ڪرڻ بدران فقط معمولي پگهار تي رکيو ويو آهي. سرڪاري استادن ۽ ملازمن واريون مراعتون نه ٿيون ڏنيون وڃن، اسان کي پينشن کان محروم رکيو ويو آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسان جي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close