سنڌ

عالمي بئنڪ سنڌ جي هارين لا 323 ملين ڊالر ڏيڻ تي راضي

عالمي بئنڪ سنڌ جي ٻوڏ متاثر هارين کي 323 ملين ڊالر ڏيڻ لا راضي ٿي وئي آهي، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن لاءِ 110 ارب رپين جو هائوسنگ منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ اسپيشل يونٽ قائم ڪيو ويندو. اها ڳالهه جمعي ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر ناجي بنهاسين وچ ۾ گڏجاڻي دوران سامهون آئي، جنهن اسلام آباد مان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، منظور وساڻ، ناصر شاهه، ڄام خان شورو، ضياءَ عباس شاهه، رسول بخش چانڊيو، مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ورلڊ بينڪ جي ٽيم ۾ پروگرام ليڊر عبدالرزاق خليف، سينيئر ڊزاسٽر رسڪ مينيجمينٽ اسپيشلسٽ ايلف ايهان، بلال خالد، ڪامران اڪبر، يونزئي لگ ۽ فرح يامين شامل هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن اڳواٽ ئي ٽيمون مقرر ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن ٻوڏ هيٺ آيل شهرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، پاڻي ڪڍڻ جو عمل جاري آهي ۽ اميد آهي ته هڪ اڌ مهيني اندر پاڻي ڪڍيو ويندو ۽ وڌيڪ چيو ته پاڻي گهٽجڻ کانپوءِ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت شروع ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته سياري جي مند اچي رهي آهي، تنهنڪري اسان کي ماڻهن لاءِ رهائش جو بندوبست ڪرڻو پوندو. هن عالمي بئنڪ تي زور ڀريو ته هو هائوسنگ پروجيڪٽ لاءِ مالي مدد ڪري. وڏي وزير ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊگهي بحث کانپوءِ 110 ارب رپين جو منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ چيف سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪمپني قائم ڪئي ويندي. ڪمپني جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) سندن گهرن جي تعمير شروع ڪندو، جنهن لاءِ سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي سهڪار سان سروي جاري آهي. وڏي وزير ورلڊ بينڪ سان گڏجي هڪ ٻئي منصوبي جي شروعات ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٻوڏ وگهي روڊن جو ڄار تباهه ٿي ويو آهي ۽ نيڪال جو نظام برباد ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو شهر ۾ تباهه ٿيل روڊن جي بحاليءَ لاءِ 13 ارب رپين جو منصوبو شروع ڪرڻ چاهي ٿو. ورلڊ بئنڪ منصوبي لاءِ 6 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو، جنهن تي وڏي وزير چيو ته هو باقي 7 ارب رپيا ٻين وسيلن مان وصول ڪندو. سيوريج لائينن جي مرمت ۽ تعمير جي حوالي سان مراد علي شاهه چيو ته تازين برساتن کين ناڪاره بڻائي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت 25 ارب رپين جي اسڪيم تي ڪم ڪيو آهي ته جيئن سيوريج سسٽم کي وسيع ۽ نئين سر ترتيب ڏني وڃي. ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته منصوبي جي مالي مدد KWSSIP منصوبي ذريعي ڪئي ويندي. وڏي وزير ڄام صادق پل يا پيراليل پل جي بحاليءَ جو منصوبو به ورتو، جنهن لاءِ ورلڊ بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت جي ٽيم ايندڙ هفتي اجلاس ۾ ان منصوبي تي ڳالهائڻ تي اتفاق ڪيو. وڏي وزير هارين جي پريشاني بابت ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ سبب کين گڻو نقصان پهتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت هارين کي ڀاڻ ۽ منظور ٿيل ٻج جي صورت ۾ رعايت ڏيڻ لاءِ 30 ارب رپين جي اسڪيم تيار ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي ڪجهه مراعتون ڏئي پنهنجي ٻوڏ واري زرعي صنعت کي بحال ڪرڻو پوندو، ڇوته هاري طبقو منظور ٿيل ٻج، ڀاڻ ۽ ٻيون شيون خريد ڪرڻ جو وس ۾ نه آهن. ورلڊ بينڪ ان مقصد لاءِ 323 ملين ڊالر فراهم ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي ته جيئن هاري پنهنجي زمينن کي ٻيهر سرسبز ڪرڻ لاءِ ايندڙ ربيع جي فصل جي تياري شروع ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button