سنڌ جي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران خان تي سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ملڪي مفاد کي نقصان ڏيڻ ۽ آئين ٽوڙڻ تي غداري جو ڪيس ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ بدامني کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سنڌ جي وڏي وزير اڃا تائين مرتصيٰ وهاب جي استعيفا منطور ناهي ڪئي سعيد غني جمعي تي ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٽن ڏينهن واري فرنيچر نمائش جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي مفاد عزيز آهن، اسان حلف جي لڄ رکون ٿا، عمران خان تقريرن ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڪيترائي ڀيرا خلاف ورزي ڪئي، ملڪي مفاد کي نقصان پهچائڻ تي عمران خان کي گرفتار ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ به چيو ته عمران خان آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي. هن چيو ته عمران خان اهڙو لاڏلو آهي، جو هي ملڪي مفادن جي خلاف ڳالهائي ته ان کان ڪو پڇاڻو نٿو ڪري، مٿس پاڪستان جو آئين ٽوڙڻ تي غداري جو ڪيس ٿيڻ گهرجي. هو ان قابل نه آهي جو پنهنجي سياست کي اڳتي هلائي، ڪير نٿو ڄاڻي ته 2018 ۾ عمران خان کي زبردستي کٽرايو ويو. صوبائي وزير چيو ته اسان اهو نٿا چئون ته اسٽيبلشمينٽ اسان کي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرائي. نه اسان عدالتن کان پنهنجي مرضي جا فيصلا وٺڻا آهن، عمران خان کي جيل ۾ وجهي سندس رات جي دوا بند ڪئي وڃي. ملڪ ۾ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون آهن ۽ عمران خان رڳو تماشو ڪندو پيو وتيئ هن چيو ته عليما خان پنهنجون پراپرٽِيز لڪايون، عمران خان جي حڪومت ۾ منسٽري اسڪيم جي ذريعي تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجو ڪارو ناڻو سفيد ڪرايو، شيرين مزاري کي پڪڙيو ته رات جو عدالت لڳي ٿي، عمران خان جي حق ۾ فيصلا ٿين ٿا. هن چيو ته عدالت جنهن نموني عمران خان جي مخالفن سان ورتاءُ ڪيو تيئن ئي عمران خان سان به ورتاءُ ڪرڻ گهرجي ها. عمران خان جو معاشي ذريعو ڇا آهيئ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وڏي وزير مرادعلي شاهه مرتصيٰ وهاب جي استيعفا اڃا تائين قبول نه ڪئي آهي. سعيد غني چيو ته نه صرف ڪراچي پر دنيا جي وڏي ملڪ ۾ ڏوهه ٿيندا آهن، اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪراچي ۾ ڏوهن کي ٻنجو ڏيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close