اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي سمجھي ٿي ته ڪنھن به قسم جي ليڪس نه اچڻ گهرجي، خاص ڪري وزيراعظم هائوس مان ليڪس اچڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت عمران خان سان نرمي ڪري رهي آهي، عمران خان خلاف ڪارروائي ۾ دير ٿيڻ سبب هو پاڻ کي لاڏلو سمجهي رھيو آھي. جيڪڏهن ھن جو تعلق سنڌ سان هجي ها ته اهڙي نرمي ممڪن ئي نه هجي ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان راند جو ميدان ناهي، جتي رانديون کيڏيون وڃن، هي 22 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ آهي. عمران خان اقتدار جي ڪرسي جي لالچ ۾ اسٽيبلشمينٽ، عدليه ۽ اليڪشن ڪميشن تي حملا ڪري وڏيون سازشون ڪري رهيو آهي. ڪرسي جي لاءِ ھو ڪنھن به حد تائين وڃي سگھي ٿو . بزدل اڄ نااهليءَ کان بچڻ لاءِ معافي گهرڻ پھتو هو، کيس اندازو هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کيس نااهل ڪري ڇڏيندي، جيڪڏهن هن کي عدالتن جي ڪا به عزت هجي ها ته هو ٻئي ڏينهن ئي جلسي ۾ معزز جج صاحبان کي ڌمڪائڻ تي معافي وٺي ها ته هن کان غلطي ٿي آهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي دور حڪومت ۾ وزيراعظم جي عهدي جي توهين ڪئي ۽ حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي. هڪ ڪوڙي سائيفر جنھن جو نه سر ھو نه پير ۽ نه ئي ڪو ثبوت موجود ھو. ان تي عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي آفيس سان گڏجي پنهنجي سياسي پارٽيءَ جي فائدي ۽ اقتدار کي اينگھائڻ لاءِ پنھنجي اختيارن کان تجاوز ڪيو ۽ اختيارن جو ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن ماڻھن پنهنجي حلف جو مان نه رکيو، جيڪو ڏوهه آهي. جيڪڏهن کين سفارتي خط تي ڪو اعتراض هو ته هو آمريڪي سفارتڪارن کي طلب ڪري ان معاملي تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين ها. عمران خان ان قسم جو ڪو به سفارتي ڪم نه ڪيو ۽ آمريڪي سازش جو ھٿ ٺوڪيو بيانيو جوڙيو. ھن چيو ته عمران خان جي خيبرپختونخوا حڪومت ان ئي ملڪ جي سفير جو ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڪيو ۽ ساڳئي ملڪ سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ لاءِ چندي جي رقم مان هڪ لابنگ فرم جون خدمتون حاصل ڪيون پر عوام کي آمريڪا خلاف ڀڙڪائيندي رھيو. شرجيل انعام ميمڻ ، عمران خان جي پوڻي 4 سالن جي حڪومت جا فائدا ياد ڪندي چيو ته پهريون فائدو ھنن ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو، ايتري حد تائين جو ايندڙ حڪومتون به ان کي سنڀالي نه سگهن. عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدا ڪيا ۽ بعد ۾ ان کان انڪار ڪيو. عمران خان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سان کيڏيو. پاڪستان جا دوست ملڪن سان پراڻا لاڳاپن کي پنھنجي ناقص پاليسين سبب نقصان رسايو ۽ ملڪ جي مفادن کي دا تي لڳايو. هاڻي عمران خان نوجوانن سان کيڏڻ چاهي ٿو ، جيئن 22 ڪروڙ عوام نه پر عمران خان لاءِ 22 ڪروڙ رانديڪا ھجن ، جن سان هو کيڏڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسان جي ثقافت روايتي اقدار تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ بزرگن، ٻارن ۽ عورتن کي وڏو مقام حاصل آهي، عمران خان نوجوانن جي ذهنن ۾ نفرتون پيدا ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. صوبائي وزير چيو آهي ته چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن جو ڪيس عالمي سطح تي بهترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن تي ڪيترن ئي ملڪن ۽ عالمي ادارن مثبت جواب ڏنو آهي. ماضي جي غير موثر پرڏيهي پاليسي سبب جن ملڪن سان ڳالھه ٻولهھ بند ٿي وئي هئي، انھن ملڪن سان لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن ۽ پاڪستان لاءِ واپار جا نوان رستا کلي رهيا آهن. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بهترين اسٽيٽس مين جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن عالمي اڳواڻن آڏو موقف اختيار ڪيو آهي ته هو امداد وٺڻ لاءِ ناھي آيو، پر موسمياتي تبديلين سبب ٻين ملڪن جي ڪري پاڪستان کي پھتل نقصان جو ڪيس وڙهڻ لا آيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جي نقصان جو سروي جاري آهي، قدرتي آفت ايتري وڏي آهي جو ان جا نقصان به تمام وڏا آهن. سنڌ حڪومت پنهنجي ترقياتي ۽ غير ترقياتي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪري انهن لکين ماڻهن جي ٻيھر آباد ڪاري تي خرچ ڪندي، انهن کي گهر تعمير ڪري ڏنا ويندا ۽ هارين جي فصلن جي نقصان جو ازالو ڪندي. هن چيو ته ڪراچي ۽ ٻين شهرن مان متاثر پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهن، جڏهن ته صوبائي حڪومت پاران امدادي ڪارروايون جاري آهن. گذريل ڏينهن تائين متاثرن کي 362744 خيما، 377816 ترپال، 2687010 مڇر دانيون ، 782388 ليٽر منرل واٽر، 96469 سليپنگ ميٽس، 18916 چوپائي مال جا مھارا ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي.هن چيو ته 1060771 خاندانن کي راشن جا ٿيلها فراهم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سمورن رليف ڪئمپن ۽ ٽينٽ سٽيز ترسيل متاثرن ۾ ڏينهن ۾ ٻه ويلا پڪل کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. وفاقي حڪومت طرفان گريٽر ٿل ڪئنال جي ترقياتي ڪمن جي منظوري بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت اھڙن منصوبن/ معاملن تي واضح موقف رکي ٿي، سنڌ حڪومت اڳ ۾ به سنڌ دشمن منصوبن جي مخالفت ڪئي آهي ۽ ھاڻ به اھڙن منصوبن جي سخت مخالفت ڪنداسين
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close