پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي اهم اڳواڻ، عوامي ورڪرز پارٽي جي باني ۽ مرڪزي صدر ڪامريڊ يوسف مستي خان کي گذريل ڏينهن ڪراچي جي قديم قبرستان ميوا شاهه ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو، جنهن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن، مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ نمائندن سميت عام ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. نيشنل پارٽي جي اڳواڻ طاهر بزنجو، سيڪريٽري جان محمد بليدي، پ پ اڳواڻ ۽ وقتي گورنر آغا سراج دراني، غلام قادر پليجو، نبيل گبول، عوامي جمھوري پارٽي جي سيال چانڊيو ۽ سينيئر نائب صدر اياز چانڊيو، پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو جي راشد رخشاڻي، بگن خاصخيلي، ڊاڪٽر علي احمد رند، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو، جسقم الاهي بخش بڪڪ کان علاوه عوامي ورڪرز پارٽي پختون خواهه جي صدر حيدر زمان، يوٿ سيڪريٽري عثمان ڀٽي سندس خاندان ۽ پارٽي جي ساٿين سان فاتحه خواني ڪئي. عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪامريڊ اختر حسين، بخشل ٿلهو، ضياءَ ڀٽ سميت لالا يوسف مستي خان جي پٽ بالاچ يوسف، خرم تعزيت وصول ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close