سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ متاثرن جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ رهائش اختيار ڪري ويٺل ميهڙ جي رهواسي ٻوڏ متاثرن سول لائين ٿاڻي جي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف وي آءِ پي روڊ تي احتجاجي ڌرڻُو هنيو. ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن وحيد کوسو، نادر کوسو، روشن کوسو، جبار کوسو ۽ ٻين دانهيندي الزام ته مهينو اڳ ميهڙ سميت مختلف ڳوٺن مان ٻارين ٻچين لڏپلاڻ ڪري ميونسپل اسٽيڊيم ۾ قائم ٽينٽ سٽي ۾ رهائش اختيار ڪئي جتي بيگناهه سول لائين ٿاڻي جي پوليس اسان سميت عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائي زوري لڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هنن چيو ته ٻوڏ ۾ گهر پٽ ۽ فصل تباهه ٿيڻ سان گڏ مال متاءُ مري ويو جنهن کان پوءِ بي گهر ٿي ٽينٽ سٽي ۾ پناهه ورتي آهي، ان جي ڏوهه ۾ پوليس ناجائزيون ڪري جيئڻ جنجال ڪيو آهي. هنن اختياري کي اپيل ڪئي ته تشدد ۾ ملوث سول لائين ٿاڻي جي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي. پوليس جي خاطري تي متاثرن پنهنجو ڌرڻو ختم ڪري ٽينٽ سٽي روانا ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button