سنڌ

سن ويجهو لڏو کڻي ويندڙ ٻوڏ متاثرن جي ڊاٽسن ڪلٽي، 10 ڄڻا زخمي

سن ويجهو منظور آباد ڀرسان لڏو کڻي ويندڙ ٻوڏ متاثرن جي ڊاٽسن ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. منظور آباد ويجهو ڳوٺ زيمي وٽ انڊس ها وي تي ميرپورخاص کان سيوھڻ طرف لڏو کڻي ويندڙ ٻگهيا برادري جي ٻوڏ متاثرن جي ڊاٽسن ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ٻارڙن ۽ عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. روڊ حادثو ٿيندي ڏسي وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻن واقعي واري هنڌ پھچي زخمين کي ڦاٿل ڊاٽسن مان پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاھر ڪڍي ايڌي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو. زخمين جي سڃاڻپ ۾ 8 ورھين جو فيصل، 7 ورهين جو امجد، 3 ورهين جو امين، 7 مھينن جي زمر جڏهن ته عورت شبانا ٻگهيو ۽ ڊرائيور ارباب ٻگهيو طور ٿي آهي، جڏهن ته ڊاٽسن ۾ ٽوٽل 12 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر سوار هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button