سنڌ

وارهه ۾ ٻوڏ متاثر جو واهر نه ٿيڻ خلاف ٻارڙن سميت احتجاج

وارهه ۾ ٻوڏ متاثر قربان کهاوڙ پنهنجا معصوم ٻچڙا پاڻ سان گڏ وٺي عوامي پريسڪلب تي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي قربان کهاوڙ احتجاج ڪندي چيو ته منهنجو معصوم پٽ حسنين کهاوڙ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي مري ويو پر اڄ تائين ڪنهن به اسان جي سار نه لڌي آهي. هن چيو ته درخواست کڻي جج، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيار ڪار ڏانهن ويس جن سکڻا آسرا ڏئي مونکي خالي موٽائي ڇڏيو. جڏهن ته مون ووٽ به پ پ اميدوار کي ڏنا پر انهن وٽان به جواب مليو. آئون ڊي سي قمبر ۽ وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته مونسا انصاف ڪري راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏنو وڃي، منهنجا ٻچڙا فاقه ڪشي جو شڪار آهن، برسات سبب گهر به ڊهي پيو آهي. نوٽيس وٺي فوري طور تي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button