سنڌ

ڏوڪري جي قديمي ڳوٺ ڍنڍ مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، 150 گهر ڊهي پٽ

ڏوڪري ويجهو قديمي ڳوٺ ڍنڍ جي چوڌاري پاڻي بيهڻ سبب 150 گهر ڊهي پئجي ويا. ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺان بي يارو مددگار ويٺل آھن ۽ متاثر ڳوٺاڻن جي سرڪار ڪا واهر ناهي ڪئي. ڳوٺ جي چوڌاري ۽ گهرن اندر گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري ڍنڍ ڳوٺ جا 150 گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جڏھن ته ڳوٺاڻا لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هن وقت تائين چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا سندن ڪا سار نه لڌي آهي، جڏھن ته ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪي جوڳا قدم نه کنيا ويا، جنهن ڪري برسات متاثر روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. ان موقعي تي صاحب علي بيهڻ، محرم علي ابڙو، منٺار علي ابڙو، مختيار علي سولنگي، رحمت خاتون دانهيندي چيو ته برساتن سبب گهڻو نقصان پهتو آهي، سڄي ڳوٺ جا سمورا گهر برسات پوڻ سبب ڊهي پٽ پئجي ويا آهن پر چونڊيل نمائندن اسان جي هن وقت تائين ڪا سار سنڀال نه لڌي آھي. هنن چيو ته ڳوٺ ۾ گندگي جا ڍير ٿي ويا آهن، مليريا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. هنن چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي هن ڏکئي گهڙي ۾ اسان جي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button