بخشاپور مان 12 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل گل محمد ملڪ ۽ پپو ملڪ کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي. مغوين جي بازيابي ۽ وڌندڙ بدامني خلاف بخشاپور جي سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين شٽربند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هندو پنچائت جي مکي نريش ڪمار، سهيل خان ڊومڪي، جان محمد سومرو، سلمان ڊومڪي ۽ مغوي گل محمد ملڪ جي وارثن شهرجي مين بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي، جيڪا پريس ڪلب تي پهچي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته ڪشمور ضلعو بدامني جي باهه ۾ ٻري رھيو آهي، اغوا ۽ ڦرلٽ جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن. ھنن چيو ته غريب پورھيت گل محمد ۽ پپو ملڪ کي 12 ڏينهن گذري ويا جيڪي ھن وقت ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن. مغوين جي گھرن ۾ ماتم ڇانيل آهي، پوليس اڃان تائين مغوين کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. ڪشمور جو ايس ايس پي ضلعي ۾ امن بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي، شھري پرامن احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. ھنن چيو ته ڌاڙيلن مغوين جي بازيابي لا ھڪ ڪروڙ رپين جو ڀنگ طلب ڪيو آهي جيڪو هي غريب نٿا ڀري سگھن. ھنن بلاول ڀٽو، آ جي جي ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته مغوين کي جلد بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪري عوام کي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close