سنڌ

اڃا ته ڪيترائي آڊيو ۽ وڊيو ليڪ اچڻا آهن:ناصر شاهه

سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن واري پاڪ واٽر اينڊ انرجي ايڪسپو جو افتتاح ڪري ڇڏيو. هي ڇهين نمائش پرائم ايونٽ مئنيجمينٽ جي تحت منعقد ڪئي وئي آهي، جيڪا ٽن ڏينهن تائين جاري رهندي. سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه نمائش ۾ لڳل اسٽالن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو چيف آپريٽنگ آفيسر اسدالله خان پڻ موجود هو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته پاڻي واري مشينري جي درآمد تي پابندي ختم ڪئي ويندي. اهڙي مشينري ۽ سامان تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته نمائش ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ ڪمپنيون حصو وٺي رهيون آهن، جنهن لاءِ آرگنائيزر ڪامران عباسي مبارڪباد جو مستحق آهي. صوبائي مڪاني ادارن واري وزير چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. وڏو وزير ۽ سندس ٽيم ڪوشش ڪري رهي آهي، پاڻي ڪافي هوندو آهي، ان کي بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان ڪيترائي ڊي سيلينيشن پلانٽ پڻ لڳائي رهيا آهيون. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ناصر حسين شاهه چيو ته سڄي سنڌ ۾ 65 رپيا في ڪلو اٽي جا اسٽال لڳايا ويا آهن. مريم جي سيل ۾ ڪئميرائون لڳايون ويون هنيون. آڊيو ليڪ ۽ اهڙي قسم جون شيون نه هجڻ گهرجن، اتي پرڏيهي سربراهه به ايندا آهن. اڃا ته ڪيترائي آڊيو، وڊيو ليڪ اچڻا آهن. اوهان کي پاڻ سمجهڻ گهرجي ته ان جي پويان ڪير ملوث آهن، جيڪي پنهنجي مطلب جون شيون ڪڍي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوليس جي سيڪيورٽي رپورٽ جي بنياد تي مڪاني ادارن جون چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڳالھه ٿي رهي آهي پر اهو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ئي ڪرڻو آهي. ڪميشن رينجرز ۽ فوج کي به طلب ڪري سگهي ٿي. ايندڙ چونڊن ۾ سڀني کي خبر پئجي ويندي ته ڪير ڪيترو مقبول آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button